HRJDO

HRJDO Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from HRJDO, Khipro.

HRJDO dist sanghar mubarkon sb doston ko 💝💝💝
05/01/2022

HRJDO dist sanghar mubarkon sb doston ko 💝💝💝

10/11/2021

HRJDO Dictrict sanghar ۔ادارا برائے انسانی حقوق پهچي بااثر وياجي سيٺ ٽهل رام ۽ ان جا پاٽنر سيٺ رام ,سيٺ سنيل, سيٺ ڪشور خلاف دانهيندي ٻڌايو ته ڪجھ ڏينهن اڳ ميڊيا تي اچي مون انڪشاف ڪيو هو ته ويھ لک ڀاڻ ٻج جا مون سٺ لک ڀرڻ باوجود وياج جو ڪاروبار ڪندڙ سيٺ مون کي چون ٿا اڃا ويھ لک ڏي نه پوليس هٿان ٻڌائينداسين ته سڄي عمر جيل ۾ گذري ويندي ,ميڊيا تي اچڻ بعد سيٺ ڏمرجي پيو ان کانپوء چوٽياريون پوليس کي پيسا ڏئي مون مٿان ڪوڙي ايف آئي آر ڪٽرائي مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويو مون بي گناه 45 ڏينهن جيل ۾ قيد رهڻ بعد آزاد ٿي گهر پهتس ته وياجي سيٺ فون ڪري چيو ته چپ ڪري ويھ ٻي صورت تنهنجي مٿان ايتريون ايف آئي آر ڪٽرائيندس تون ۽ تنهنجو خاندان باقي زندگي جيل گذاريندو , مون غريب مسڪين مظلوم کي انصاف ڏياريو وڃي وياجي سيٺ جي لکت مون وٽ موجود آهي جنهن ۾ مون سٺ لک ادا ڪيا آهن پوء به وياجي مان جان ڪون ڇٽي ,ان موقعي تي هيومن رائٽس جسٽس ڊيفينڊرز ضلع سانگهڙ متاثر مارڪ راڄڙ کي يقين ڏياريو توکي انصاف ڏيارڻ لاء شيشن ڪورٽ کان سپريم ڪورٽ تائين بنا فيس جي مدد ڪبي, انهن وياجين کي سزا ڏيارڻ تائين تنهنجي مفت ۾ قانوني مدد ڪبي ,
اسان صدر پاڪستان , وزيراعظم پاڪستان ,چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ,گورنر سنڌ , وزيراعلي سنڌ چيف جسٽس هائي ڪورٽ سنڌ , آئي جي سنڌ , ڊي آئي جي شهيد بينظيرآباد ,ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ, ايس ايس پي سانگهڙ کان مطالبو ٿا ڪريون متاثر مارڪ راڄڙ کي ڪوڙن ڪيسن کان تحفظ ڏنو وڃي ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي ,ان ملوث ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندڙ وياجي سيٺ مان مون سميت ڪيترائي ماڻھو وياج ۾ ورتلن جي جان ڇڏائي وڃي ,
هيومن رائٽس جسٽس ڊيفينڊرز ضلع سانگهڙ

انتهائي افسوس ناڪ ۽ دل ڏکويندڙ واقعو رات ڏياري جي ڦٽاڪن جو فائدو وٺندي نامعلوم هٿياربندن  ڏاڏي غلام محمد لاشاري جي ڪمدار...
05/11/2021

انتهائي افسوس ناڪ ۽ دل ڏکويندڙ واقعو رات ڏياري جي ڦٽاڪن جو فائدو وٺندي نامعلوم هٿياربندن ڏاڏي غلام محمد لاشاري جي ڪمدار محمد زمان بوزدار کي سندس ئي اوطاق وٽ پسٽل جا فائر ڪري شھيد ڪيو ويو😰😰😰

کپرو,   ضلع سانگهڙ صدر دائودراڄڙ ۽ضلع جنرل سيڪريٽري عبدالغفارنظاماڻي جي صدارت ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا جنهن ۾...
31/10/2021

کپرو, ضلع سانگهڙ صدر دائودراڄڙ ۽ضلع جنرل سيڪريٽري عبدالغفارنظاماڻي جي صدارت ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا جنهن ۾ سوشل ايڪٽيوي وڌائڻ جون سختي سان هدايت , اسان پوري ضلع سانگهڙ ۾ غير ايڪٽيو عهديدار کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ شروعات کپرو تعلقه جا غيرايڪٽيو عهديدار حاجي خان بوزدار ,اختر ڪنڀر کي پنهنجي عهدن تان هٽايو ويو ,هفتي اندر ٻيهر اجلاس گهرائي ڪجھ نوان عهديدار مقرر ڪياويندا ,ڪوبه دوست انسان ذات جي خدمت ڪرڻ چاهي ٿو اهو رابطو ڪري سگهي ٿو ,هٽايل عهديدار پنهنجا تنظمي ڪارڊ تعلقه آفيس کپرو جمع ڪرائن ,سرڪاري نيم سرڪاري ادارن کي به اطلاع ڪجي ٿو اڄ کانپوء انهن هٽايل عهديدارن جو تنظيم سان ڪو به تعلق ڪونهي , هيومن رائٽس جسٽس ڊيفينڊرز ضلع سانگهڙ
تعلقه کپري جا دوست ٽيم ۾ شامل ٿيڻ لاء هن نمبر تي رابطوڪندا ,
عبدالغفار نظاماڻي ضلع جنرل سيڪريٽري 03453732202.
03003300283 تعلقه صدر کپرو حاڪم علي راڄڙ ,
سنينئر نائب صدر حسين بخش جوڻيجو , 03468928367 .
راجاشاه تلقه نائب صدر 03453735783

  راجومالهي, ارشدڀٽي ,عمران آرائين سانگهڙ ,راڻو مبارڪ جهول, محمدعلي زنگيجو ,معشوق جٽ کپرو,  قانون جي پڪڙ کان ڏاڍا , انهن...
21/10/2021

راجومالهي, ارشدڀٽي ,عمران آرائين سانگهڙ ,راڻو مبارڪ جهول, محمدعلي زنگيجو ,معشوق جٽ کپرو, قانون جي پڪڙ کان ڏاڍا , انهن جي سرپرستي ۾ سرعام منشيات ۽ جوا جا اڏا هلندڙ ,ضلع سانگهڙ جي نوجوان نسل تباه ٿيڻ لڳي
راجومالهي ڪجھ وقت پهرين گرفتار ٿيو پر پوليس ونگار وهندي معمولي ڪيس داخل ڪيو جيڪو ٻئي ڏينهن آزاد ٿي وڌيڪ ڪم کي پٽي رکيو اٿس, اسان جي اداري انساني حقوق HRJDO پاران بار بار احتجاج ۽ نشاندهي جي باوجود منشيات فروش ايترا بااثر آھن منشيات بند نه ٿي سگهي ,اسان وس وارن کي اپيل ڪنداسين ضلع ۾ بااثر منشيات فروشن گرفتار ڪري ڪڙي کان ڪڙي سزا ڏئي ضلع سانگهڙ جي نوجوان نسل کي بچايو وڃي ,هيومن رائٽس جسٽس ڊيفينڊرز تعلقو کپرو ضلع سانگهڙ

31/08/2021

کپرو لڳ ڀٽياڻي ۾ مري ۽ نوھڙي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو گوليون لڳڻ سبب 2 ڄڻا سخت زخمي.
فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عرس ۽ ساوڻ نوھڙي کي کاھي پوليس پاران ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقا اسپتال کپرو آندو ويو آھي.
جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي
فائرنگ سبب ڳوٺ ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي.
مري برادري جي ماڻهن اسان تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي آهي: زخمين جا وارث
پوليس جو چوڻ آهي ته جھيڙي تي ڪنٽرول ڪرايو آهي وڌيڪ جانچ ڪري رھيا آھيون.
HRJDO Talka Khipro

10/08/2021

اڇڙو ٿر واسي کپري شهر ۾ گم ٿئي ويو آهي
نالو جمعون ولد گلو
ڳوٺ کاريو
جنهن به دوست کي ڄاڻ هجي مون سان رابطو ڪريو.
ڪپڙا سرمائي
اڇي ٽوپي
اڄ صبح جو پڙي کپري مان گم ٿي ويو آهي
شام جو بائيڪو پمپ کپرو وٽ ڏس مليو آهي

رابطو ڪريو 0343-0333775

کپرو پوليس جي نگراني ۾ صادق درس جي ڳوٺ تي بااثر وڏيرن جو حملو.صادق درس زخمي ۽ ان جو ڀائيٽو امام بخش درس شهيد.صادق درس پو...
08/08/2021

کپرو پوليس جي نگراني ۾ صادق درس جي ڳوٺ تي بااثر وڏيرن جو حملو.
صادق درس زخمي ۽ ان جو ڀائيٽو امام بخش درس شهيد.
صادق درس پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ٿيل علي حيدر رونجھي ۽ سومار مهر لاءِ مستقل جدوجهد ۾ رهيو.
اڄ ان ئي قاتل پوليس جي سرپرستي ۾ وڏيرن صادق درس جي ڳوٺ تي حملو ڪري صادق جي ڀائٽي کي شهيد ڪيو آهي. اسان اعلي اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته شفاف انڪوائري ڪري قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ۽ متاثرين سان انصاف فراهم ڪيو وڃي ,پاران تعلقه کپرو
هيومن رائٽس جسٽس ڊيفينڊرز ضلع سانگهڙ

07/07/2021

پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمنٽ کپرو جو آر ايڇ ايس اي گذريل چئن مهينن کان ايم ايس کپرو جي انا جي ڪري ايم ايس جي قبضي هيٺ آه هر مهيني ٿيندڙ فئملي پلاننگ ڪئمپون ۽ روزانو بنياد تي فئملي پلاننگ جي مختلف ميٿڊز جا ڪيس رڪجي ويا ايم ايس کپرو ڪرونا وئڪسين سينٽر جي آڙ م لکين روپين جي بجيٽ بچايو وڃي چئن لکن جي آبادي واري تعلقي م فئملي پلاننگ جو ڪم رڪجي ويو ڊي سي سانگهڙ نوٽيس م ڏيارڻ باوجود ڪو تحرڪ نه ورتو کپرو جي سماجي اڳواڻن پاران فئملي پلاننگ جي سينيئر جي اڻ اعلانيه بندش جي مذمت

 #کپرو .ھيومن رائيس جسٽس اينڊ ڊيفينيدرز آرگنائيزيشن تعلقه کپرو جي ميٽنڱ ٿي جنھن جي صدارت حاڪم علي راڄڙ ۽ ڪمپلين سيل انچا...
02/07/2021

#کپرو .

ھيومن رائيس جسٽس اينڊ ڊيفينيدرز آرگنائيزيشن تعلقه کپرو جي ميٽنڱ ٿي جنھن جي صدارت حاڪم علي راڄڙ ۽ ڪمپلين سيل انچارج اختر علي ڪنڀر ڪئي جنهن ۾ صوبائي اڳواڻ محمد حسن جٽ صوبائي نائب صدر عبدالحڪيم راڄڙ تعلقه سينئر نائب صدر حسين بخش جوڻيجو نائب صدر عدنان راجپوت نائب صدرسيد راجا شاھ نائب صدر الله بخش راڄڙ نائب صدر وجئه سوني جرنل سيڪريٽري حاجي خان بوزدار آفيس سيڪريٽري جمشيد قائم خاني ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي کپرو ۾ هلندڙ وياج منشيات جي خلاف جلد ادارن ۾ رپورٽ جاري ڪئي ويندي. ۽ ڪجهه اهم فيصلا ڪيا ويا ۔

HRJDO Office SangharTeam k sath
21/06/2021

HRJDO Office Sanghar
Team k sath

کپهرو گائوں سيد دودو شاھ جوہلي میں وڈهل فاریسٹ میں گيان چند ڪولهی کچي شراب کی بٹھی جوا اور فحاشی کا اڈا لگا کر بیٹھا ہے ...
06/06/2021

کپهرو
گائوں سيد دودو شاھ جوہلي میں وڈهل فاریسٹ میں گيان چند ڪولهی کچي شراب کی بٹھی جوا اور فحاشی کا اڈا لگا کر بیٹھا ہے جو گائوں کی نسلوں کی تباهی کا سبب بن رہا ہے اس کی پشت پناہی سياسي لوگ کر رہے ہیں اور عملدار ايکشن لینے کیلئے تیار نہیں
پورے گاؤں کی عوام اعلی اخیاریوں سے مطالبہ کرتی ہے کہ اس ناسور سے ہماری جان چھڑوائی جائے



Address

Khipro

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when HRJDO posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share